پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي ۾ چورن جي فائرنگ، نينگري مارجي وئي، رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد بکو مھر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگري سينگار مھر مارجي وئي، ڪچي مان مڙھ کي ٻيڙي ذريعي بند تي آندو ويو. خبر موجب پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي جي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد بکو مھر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 14 ورھين جي نينگري سينگار ڌي محمد يوسف مھر مارجي وئي. نينگريءَ جي لاش کي ٻيڙي ذريعي بند تي آڻڻ کان پوءِ ڊاٽسن ۾ وجهي تعلقي اسپتال پنوعاقل پهچايو ويو. نينگريءَ جي وارثن جو چوڻ ھو ته چوري جي ارادي گھر ۾ داخل ٿيل ڏوهارين مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ نينگري مارجي وئي. رضا ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس موجب نينگري چورن جي فائرنگ ۾ مارجي وئي آھي. تعلقي اسپتال پنوعاقل مان پوسٽ مارٽم بعد مڙھ کي وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.