ميھڙ (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن ۾ بيٺل اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ  پي ٽي آءِ پاران اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ لياقت علي جتوئي،اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي ، نياز علي ٻرڙو، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو باءِ  پاس کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين   3 ڪلوميٽر مارچ ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي لياقت علي جتوئي چيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪري غريب عوام سان ظلم ڪيو ويو آھي، امپورٽيڊ ايترو ظلم ڪن جيڪو سڀاڻي برداشت ڪري سگھن، سنڌ جي ماڻھن کي ھٿ سان ٻوڙايو ويو آھي   راشن کپائي غريبن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي، ھن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ عوام کي پنھنجو ووٽ صحيح استعمال ڪرڻ گھرجي، ميھڙ سميت پوري ضلعي ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو وڃي. هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي برداشت نه ڪنداسين.