ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ سميت مختلف جماعتن ۽ آزاد اميدوارن پاران پنهنجي چونڊ تڪ ۾ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو آھي،  ان حوالي سان پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ پاران ريليون ڪڍي  ڪارنر گڏجاڻين سان گڏ ڊور ٽو ڊر ورڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻن دائود  آفتاب نظاماڻي، ، عبدالسلام پٺاڻ، عبدالسلام عباسي،  اسد نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي ھٿ کڻڻ لاءِ  ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڌمڪين کان ڏڄڻ وارو ناهيون، مڪاني چونڊ ۾ ڀرپور نموني سان مقابلو ڪنداسين.