مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي جي مختلف علائقن ۾ مڪاني اليڪشن جون تياريون زور وٺي ويون آهن، پيپلزپارٽي پارٽي، جي ڊي اي، جي يو آءِ، قومپرست پارٽين جا اميدوارن هڪٻئي سان مقابلي لاءِ تيار، پر پيپلزپارٽي پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊر ۽ آزاد اميدوارن به ميدان سجائي ورتو، مخدوم فخرالزمان به شاهپور درپور پهتو، پ پ اميدوارن جي شاندار ريلي، ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ سيد فضل حبيب شاهه جي پوزيشن مضبوط، ان ڏس ۾    ضلعي مٽياري ۾ پهريون ڀيرو پيپلا هڪ ٻئي سامهون بيهجي ويا آهن، هڪ تير جي نشان تي ته ٻيا ڍڳي جي نشان تي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جتي ضلعي جي 30 يونين ڪائونسل تي اليڪشن چونڊ مهم به زور وٺي وئي آهي ته اميدوار مختلف برادرين   کان حمايتون حاصل ڪرڻ لاءِ به ميدان ۾ سرگرم نظر اچي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ مخدوم فخر الزمان به پنهجي اميدوارن جي چونڊ سلسلي ۾ شاهپور درپور پهتو، جتي جيالن پاران سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار پنهجي پئنل سان گڏ جلسي سجايو، جتي اڳواڻن خطاب ڪيا. اتي اڳواڻن جو چوڻ هو ضلعو مٽياري پ پ جو قلعو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ سوڀ اسانجي ئي ٿيندي سموري ضلعي ۾ پ پ ئي ڪلين سوئپ ڪندي.