حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو ۽ امتياز کوسو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ مان ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ نظام کي ختم ڪري عوامي راڄ قائم ڪرڻو پوندو. هارين، زرعي معيشت ۽ ملڪ جي بقا لاءِ عمران خان جو گهر وڃڻ انتهائي ضروري آهي. عوام ساٿ ڏنو ته عمران خان  کي گهر وڃڻ کان دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي. سنڌ سان تعلق رکندڙ لساني تنظيم جا اڳواڻ عمران خان جا سهولتڪار آهن. سندن ڪوشش آهي ته سنڌ جو پرامن ماحول تباهه ڪيو وڃي پر کين اهڙي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. حيدرآباد ۾ فتح چوڪ تي هاري ٽريڪٽر مارچ کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني ادارن واري قانون کي ڪارو قانون چوندڙن جو پنهنجو منهن ڪارو ٿيڻو آهي. انهن کي مڪاني چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي ان ڪري هو ان قانون جي مخالفت ڪن ٿا هو ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن جبار خان قاسم آباد مان کٽي ويندو ته اهو حيدرآباد شهر ۽ ڪراچي مان به چونڊون کٽي ويندو. هن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ هر طرف تير کٽيندو. پهريون ڀيرو آهي جو خودمختيار مڪاني نظام آندو ويو آهي. ان نظام تحت پراپرٽي ٽيڪس سميت ٻيا ٽيڪس جمع ٿي سگهندا. حيدرآباد ۾ وڏا وڏا گهر آهن جن کان به ٽيڪس به وٺي مسئلا حل ڪيا ويندا. اهو ئي نظام ڪچري ۽ سيوريج جو مسئلو به حل ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي عوام تي زور ڏنو ته هو هتان پنهنجو ميئر چونڊرائين. کيس جيالو ميئر کپي. هر شهري سان اهو واعدو آهي ته هو به ميئر سان گڏجي رات ڏينهن عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪوشش وٺندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي قائد سان وفا نٿا ڪري سگهن اهي اوهان سان ڪهڙي وفا ڪندا؟ اهي ماڻهو دهشتگردي ۾ ملوث هئا. جڏهن پاڪستان خلاف نعرا لڳندا هئا ته اهي تاڙيون وڄائيندا هئا. اهي اوهان جا دشمن آهن ۽ شهر توڙي صوبي جا دشمن آهن. اسان اوهان جي ۽ هر طبقي جي خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ هارين ۽ آبادگارن کي حق ڏئي کين زمينن جو مالڪ بڻايو ويو. اڄ نالائق حڪومت جي دور ۾ هاري بکيا سمهن ٿا. پاڪستان زرعي ملڪ طور سڃاتو ويندو هو ۽ زرعي معيشت کي ڪرنگهو سمجهيو ويندو هو پر نااهل، نالائق ۽ سليڪٽيڊ حڪومت زرعي معيشت کي تباهه ڪري ملڪ جي ڪرنگهي کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت هڪ جي پٺيان ٻيو بحران پيدا ڪيو آهي. خان صاحب جي نالائق حڪومت پاران پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب آبادگارن جي فصل کي بار بار نقصان پهچي ٿو جڏهن ته يوريا ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري زرعي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي. فصلن جي بحران سان فوڊ سيڪيورٽي کي به وڏو نقصان رسندو. هن چيو ته پاڪستان جا هاري مطالبو ڪري رهيا آهن ته سندن مسئلا حل ڪيا وڃن. صدر آصف زرداري حڪومت سنڀالي ته اڄ جيان اٽي، کنڊ ۽ چانورن جو بحران هو جڏهن ته هن هڪ سال جي گهٽ عرصي ۾ ملڪ کي پاڻ ڀرو ڪري نه رڳو ڪڻڪ، کنڊ ۽ چانور گهرائڻ وارو عمل بند ڪيو پر اهي شيون ٻاهر موڪلڻ به شروع ڪيون. اڄ ڪٺ پتلي جي اچڻ سان اهي شيون ٻيهر ٻاهران گهرايون پيون وڃن جنهن سان هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي جيڪو اسان برداشت نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته جيڪڏهن اڄ هاري بکيو ستو ته سڀاڻي ملڪ بکيو سمهندو. فصلن جو معاوضو نه ملندو ته اسان کي هر شيءَ مهانگي ملندي. پر حڪمرانن کي ان جو ڪو به فڪر نه آهي. شهيد بينظير ڀٽو جڏهن وزيراعظم هئي ته سندس دور ۾ پٽاٽا سستا ٿي ويا هئا جنهن سبب پٽاٽن جي پوک ڪندڙ آبادگار پريشان هئا. شهيد محترمه سمورا پٽاٽا حڪومتي سطح تي خريد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ”بابو“ (بيوروڪريسي) ناراض ٿيا. سندن موقف هو ته ايترا پٽاٽا ڪيڏانهن ڪيا ويندا. محترمه بينظير ڀٽو حڪم ڪيو هو ته پٽاٽا سمنڊ ۾ اڇلي مڇين کي کارايا وڃن پر هو هارين کي بکيو سمهڻ نٿي ڏئي سگهي. هن چيو ته اسان اسيمبلي جي فلور تي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ، مڪڙن جي حملي ۽ ڀاڻ جي بحران بابت بار بار حڪومت جو ڌيان ڇڪائي رهيا آهيون پر حڪمران ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. هاڻي گهڻو ٿيو. مسئلن جو هڪ ئي حل آهي ته جيڪڏهن هارين، زراعت، زرعي معيشت ۽ پاڪستان کي بچائڻو آهي ته پوءِ عمرا کي ڀڄائڻو ۽ اقتدار مان ڪڍڻو پوندو. اسان فيصلو ڪيو آهي ته 27 فيبروري تي اسلام آباد وينداسين. عوام جو ساٿ رهيو ته دنيا جا ڪا به طاقت عمران خان کي گهر وڃڻ کان روڪي نه سگهندي. اسان جمهوري، آئيني ۽ قانوني طريقي سان سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي جو نظام ختم ڪري عوامي راڄ قائم ڪنداسين. ملڪ ۾ عام ماڻهن، هارين ۽ مزدورن جو راڄ هوندو ته تبديلي جي نالي تي تباهي نه ٿي سگهندي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ هوندي هو حڪومت جي سهولتڪارن خلاف ڳالهائڻ کان رهي نٿو سگهي. حڪومت جا سهولتڪار سنڌ صوبي سان تعلق رکن ٿا ۽ هو سنڌ جي امن کي نقصان رسائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. هن صوبي جي تاريخ بابت هتان جو عوام شاهد آهي ته انهن جو ماضي ڇا رهيو آهي. هن چيو ته جيستائين هي لساني جماعتون ويڙهائينديون رهنديون تيستائين اسان حق وٺي نه سگهنداسين. آئون سڀئي زبانون ڳالهائيندڙن جو ڀاءُ آهيان. چاهي اهي سنڌي ڳالهائيندڙ هجن يا اردو ۽ پشتو. ناانصافي ڪنهن سان ٿيڻ نه ڏني ويندي. عوام کي گهرجي ته هو سندن سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت هر ڳالهه کان بي خبر بڻيل آهي. ماڻهو هڪ ويلو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن پر موجوده سرڪار جو چوڻ آهي ته انهن هارين کي تمام گهڻا پئسا ڏنا آهن. پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪئي ويندي هئي پر نااهل حڪومت جي خراب پاليسين سبب سستي ڪڻڪ وڪڻي مهانگي ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون. ڀاڻ جي بحران جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي پر هو ان معاملي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي هڪ وزير ته اهو به الزام هنيو آهي ته يوريا ڀاڻ سنڌ مان افغانستان اسمگل ٿيو آهي پر ان وزير کي وزيراعظم جيان خبر ئي نه آهي ته سنڌ مان ڪو بارڊر افغانستان کي لڳي ئي نٿو. هن چيو ته 13 کان 1400 رپيا ملندڙ يوريا واري ٻوري آبادگار ۽ هاري 3 هزار رپين ۾ خريد ڪري رهيا آهن تنهن باوجود وفاقي سرڪار پنهنجي نااهلي جي ذميواري قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ واحد صوبو آهي جتي پورهيتن کي 25 هزار رپيا اجرت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن تي عمل به ڪرايو پيو وڃي. ڪڻڪ جو امدادي اگهه گذريل سال 2 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو هو. ڪوشش آهي ته هلندڙ سال به ڪڻڪ جي امدادي اگهه ۾ اضافو ڪيو ويندو.