اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جو  سربراهي اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن منجهند 3 وڳي مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي پاران تيار ڪيل سفارشن تي منظوري لاءِ غور ٿيندو، پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي 22 جنوري تي ٿيل اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس لاءِ سفارشون تيار ڪيون هيون، جن ۾ 23 مارچ تي اعلانيل لانگ مارچ جي تاريخ تبديل نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، وزيراعظم ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جي به سفارش ڪندي پهرين مرحلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد آڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت صدارتي نظام کي رد ڪرڻ، فارين فنڊنگ ڪيس جو جلد کان جلد فيصلو ڪرڻ واري مامري کي اٿارڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي، انهن سفارشن تي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ اڄ غور ٿيندو، جنهن کانپوءِ حتمي فيصلي جو اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي.