حيدرآباد: فتح چوڪ وٽ ٽريڪٽر مارچ  دوران پ پ جو هڪ جيئالو وفاقي سرڪار جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪندي بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي موجودگي ۾ اڳواڻ ٿنڀي تان لهڻ لاءِ منٿون ڪندار رهيا پر هو هيٺ نه ٿو ۽ بعد ۾ پ پ چيئرمين جي اشاري تي جيئالو ٿنڀي تان هيٺ لهي آيو. مارچ ۾ شرڪت کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ۽ پ پ چيئرمين ۾ هوائي جهازن ذريعي فتح چوڪ وٽ منقعد ٽريڪٽر مارچ جو فضائي معائنو ڪيو جنهن بعد هو گاڏين ذريعي مارچ ۾ شرڪت لاءِ پهتا.