پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

0
467

پاڪستان ۾ ڪرپشن

ڪراچي (م ڊ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ 16 درجا مٿي چڙهي ويو آهي ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ دنيا ۾ 140 هين نمبر تي اچي ويو آهي

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020ع ۾ پاڪستان دنيا ۾ 124هين نمبر تي هو ۽ 2020ع ۾ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو اسڪور گذريل سال 31 هو جڏهن ته 2021ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس اسڪور 28 هو، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي اسڪور ۾ 3 پوائنٽس ڪمي ٿي آهي، انڊيڪس جو اسڪور گهٽ ٿيڻ ڪرپشن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿو

ٻئي طرف پلڊاٽ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته حالتون بهتر ڇو نه ٿيون ٿين،  ڪرپشن جي خلاف پي ٽي آءِ حڪومت بيانيو کڻي آئي هئي،  رينڪنگ ۾ اسڪور مٿي وڃڻ جو مقصد ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، 2010ع کان 2017ع تائين رينڪنگ ۾ اضافو ٿيو آهي

پيپلز پارٽي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پي ٽي آءِ سرڪار خلاف چارج شيٽ قرار ڏئي ڇڏيو

پيپلز پارٽي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پي ٽي آءِ سرڪار خلاف چارج شيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آھي، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪرپشن ۾ پاڪستان جو 16 درجا مٿي وڃڻ سان حڪومت جو بيانيو وائکو ٿيو آهي

ڪرپشن جَي خاتمي جِي دعويدار حڪومت ڪرپشن ۾ 16 ملڪن کان اڳتي نڪري وئي، شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ اِن ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي آهي، عالمي ادارا حڪومت جي ڪرپشن تان پردو کڻن ٿا