مڙس منٿون ڪندو رهيو پر زال عاشق سان هلي وئي

0
304
مڙس منٿون ڪندو رهيو پر زال عاشق سان هلي وئي
مڙس منٿون ڪندو رهيو پر زال عاشق سان هلي وئي

نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) راجسٿان جي چورو ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ايس پي آفيس ۾ ان وقت هنگامو ٿيو جڏهن هڪ مڙس پنهنجي عاشق سان لو ان رليشن شپ ۾ رهندڙ پنهنجي زال جي پيرن تي ڪري منٿون ڪرڻ لڳو پر زال ايتري پٿر دل نڪتي جو هن پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻن ٻارن کي ڇڏي سڀني سامهون پنهنجي عاشق جو هٿ پڪڙي ورتو

ٻئي ٻار به پنهنجي ماءُ سامهون روئيندا رهيا ۽ فرياد ڪندا رهيا پر سندس دل تي فرق نه پيو، هي شادي شده عورت گذريل 8 مهينن کان پنهنجي عاشق سان رابطي ۾ هئي

هو تقريبن هڪ هفتي کان پنهنجي چاهيندڙ سان رهي رهي هئي. هو سومر تي پنهنجي ساٿي سان سيڪيورٽي ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ ايس پي آفيس پهتي. هن الزام لڳايو ته سندس مڙس مٿس تشدد ڪري ٿو ۽ شراب پيئدنو آهي

پوليس موجب هريانا جي ڳوٺ جي رهواسڻ سونم جي شادي 2013 ۾ چورو ضلعي جي راڄڳڙهه واسي ونود ڪمار جاٽ سان ٿي هئي ۽ ٻنهي جو هڪ 8 سالن جو پٽ ۽ 4 سالن جي ڌيءَ آهي