اين اي 242  تي نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي: خالد مقبول

0
49
اين اي 242  تي نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي: خالد مقبول
اين اي 242  تي نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي: خالد مقبول

ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي جي اين اي 242  تي نون ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي

 ايم ڪيو ايم  جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اين اي 242  تي نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي

هن چيو ته اين اي 242  تي مصطفيٰ ڪمال ئي ايم ڪيو ايم جو اميدوار آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي

 گذريل ڏينهن  ذريعن کان اها خبر سامهون آئي هئي ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ تحت مصطفيٰ ڪمال شهباز شريف جي حق ۾ هٿ کڻي ويندو