مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ ڪروڙين رپين جي اثاثن جا مالڪ، تفصيل سامهون اچي ويا

0
98
مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ ڪروڙين رپين جي اثاثن جا مالڪ، تفصيل سامهون اچي ويا
مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ ڪروڙين رپين جي اثاثن جا مالڪ، تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ جا اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

 هلندڙ سال مراد علي شاهه وٽ 24 ڪروڙ 75 لک 88 هزار 470 روپين جا اثاثا آهن، گذريل ڀيري وٽس 35ڪروڙ 16 لک 21 هزار 987 رپين جا اثاثا هئا

 ظاهر ڪيل اثاثن ۾ مراد علي شاهه وٽ 51 ايڪڙ اباڻي زمين، ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾15 لک رپين جو گهر، هڪ ڪروڙ 42 لک رپين جون 2 گاڏيون به موجود آهن

 سندس والده پاران زال کي ڏنل 100 تولا سون به اثاثن ۾ شامل آهن، سنڌ بئنڪ ۾ 4 ڪروڙ 54 لک 46 هزار 637 رپيا به ظاهر ڪيا ويا

 اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ به ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪروڙين رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، جمع ڪرايل اثاثن موجب شرجيل ميمڻ يو اي اي ۾ اقامه سان گڏ مارڪيٽنگ مئنيجر به رهيو

شرجيل ميمڻ وٽ 10 ڪروڙ رپين جو ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ بنگلو آهي، ٿرپارڪر ۾ 16 لک 80 هزار رپين جي ايگريڪلچر پراپرٽي به موجود آهي

 دستاويزن موجب شرجيل انعام ميمڻ ساڍا 4 ڪروڙ رپين جي پئٽرول پمپ جو مالڪ آهي، سندس زال جي نالي تي يو اي اي ۾ 3 ڪاروبار به اثاثن ۾ ظاهر ڪيا ويا

 2 لينڊڪروزر ۽ هڪ ريو گاڏي به ظاهر، شرجيل ميمڻ وٽ 75 لک رپين جا هٿيار به موجود، دبئي جي ٻن بئنڪن ۾9 ڪروڙ رپيا به اثاثن ۾ ظاھر ڪيا ويا