مڙس بدپيشي لاءِ مجبور پيو ڪري: ٺارو شاهه واسي ناري پاران مبينا ڌمڪين واري آڊيو ڪال جاري

0
419
مڙس منشيات فروش آھي
مڙس منشيات فروش آھي، ٻين سان لاڳاپا رکڻ لاءِ مار ڪٽ ڪري ٿو: ٺارو شاهه ۾ عورت جون دانهون

ٺارو شاهه: منشيات فروشي جي الزام هيٺ هٽايل پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ ڀان جي گهرواري مسمات تهمينا پنهنجي مڙس تي سنگين الزام هڻندي چيو آهي ته مڙس  بدپيشو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي ۽ انڪار تي اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

ٺارو شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تهمينا چيو ته منهنجي مڙس کي منشيات فروشي جي الزام هيٺ ڊي آءِ جي بينظيرآباد جي حڪم تي هٽايو ويو هو، جنهن بعد منهنجو مڙس پنهنجي بحاليءَ لاءِ مون کي پوليس آفيسرن سان دوستي رکڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي. هن چيو ته انڪار ڪرڻ تي مڙس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

تهمينا پنهنجي مڙس جي ڌمڪين تي ٻڌل مبينا ٽيليفون ڪال جي هڪ آڊيو ريڪارڊنگ به پيش ڪئي، جنهن ۾ سندس مڙس کيس مبينا طور ڌمڪيون ۽ گاريون ڏئي رهيو آهي. ناريءَ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

ھي به پڙھندا

زال ملڪيت تي قبضي لاءِ بدپيشي جا الزام هنيا: ٺارو شاهه واسي مڙس جو  موقف

پيرجوڳوٺ: عدالت زال کي خرچ نه ڏيڻ تي مڙس کي جيل اماڻي ڇڏيو