زال ملڪيت تي قبضي لاءِ بدپيشي جا الزام هنيا: ٺارو شاهه واسي مڙس جو  موقف

0
315
ٺارو شاهه واسي مڙس جو  موقف
زال ملڪيت تي قبضي لاءِ بدپيشي جا الزام هنيا: ٺارو شاهه واسي مڙس جو  موقف

ٺارو شاهه: منشيات فروشي جي الزام هيٺ هٽايل پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ ڀان پنهنجي گهرواري تهمينا پاران لڳايل سنگين الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته تهمينا منهنجي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ اهڙا الزام هڻي رهي آهي

تهمينا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته سندس مڙس کي منشيات ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ڊسمس ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي بحاليءَ لاءِ مون کي پوليس آفيسرن سان دوستي رکڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي ۽ ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي. غلام مصطفيٰ ڀان ٽائيم نيوز سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته تهمينا جي اڳ به شادي ٿيل آهي ۽ ان مان کيس هڪ پٽ به آهي ۽ هن پهرين مڙس کان به اهڙا الزام هڻي علحدگي اختيار ڪئي هئي. هن چيو ته مون کي منشيات جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڊسمس ڪيو ويو آهي

غلام مصطفيٰ چيو ته مون زمين کپائي پنهنجن سالن کان دوڪان خريد ڪيا هئا، پر منهنجي زال ڀائرن سان ملي ڀڳت ڪري منهنجي ملڪيت جا ڪاغذ گم ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙا الزام هڻي رهي آهي. هن چيو ته منهنجو والد ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ نوڪري مان به ڪڍيو ويو آهي، زال جي اهڙن سنگين الزامن ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي، گهرواري گهڻو تنگ ڪيو ته آپگهات ڪري ڇڏيندس

ھي بھ پڙھندا

مڙس بدپيشي لاءِ مجبور پيو ڪري: ٺارو شاهه واسي ناري پاران مبينا ڌمڪين واري آڊيو ڪال جاري