رتوديرو ۾ چنا ۽ مرکياڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران ٻن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل

0
148
اوٻاوڙي مان مبينا

رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ۾ چنا ۽ مرکياڻي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران ٻن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل، گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ دلشير چنو ۽ منصور چنو مارجي ويا هئا، رتوديرو پوليس عبدالجبار چنو جي فرياد تي مرکياڻي برادري جي 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

 مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته مرکياڻي ڌُر سان 8 مهينن کان زميني تڪرار هلندڙ هو، ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجڻ باوجود مخالف ڌُر جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي، نديم مرکياڻي جي هيٿاربندن حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ دلشير ۽ منصور چنو مارجي ويا هئا، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام  ٿي وئي آھي.

ھي به پڙھندا

چڪ: ڪچو ۾ قادراڻي- مصراڻي تڪرار، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل