چڪ: ڪچو ۾ قادراڻي- مصراڻي تڪرار، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

0
186
جهڏو ۾ هٿياربندن

چڪ(ن پ ا) چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين قادراڻي ۽ مصراڻي وچ ۾ ڪيتري وقت کان هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ جي وٺ ۾ هڪ  نوجوان حسين بخش پٽ غلام قادر مصراڻي جتوئي طور مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، مقتول جو لاش به واقعي واري هنڌ پيل آهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب  علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇانيل آهي