مٽياري: 3ويگو گاڏيون ڦر واقعي جو ڪيس 7جوابدارن تي داخل

0
199

مٽياري (رپورٽر) مٽياري ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر مان 3ويگو گاڏيون ڦر واقعي جو ڪيس کيبراڻي ٿاڻي تي 7جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي، فريادي راجنپور واسي فيض رسول کيبراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان پورٽ قاسم کان ڪار ڪيريج ۾ 7گاڏيون لوڊ ڪري نڪتاسين ته حيدرآباد باءِ پاس وٽ ماني کائي پشاور ڏانهن روانا ٿياسين، کيبر ڀرسان ويگو ۾ سوار 7هٿياربندن روڪي ٽرالر ڦر ڪيو

  جوابدار اسان کي خيرپور ڀرسان ويگو مان لاهي فرار ٿي ويا، ٽرالر ڀٽ شاهه موري وٽان هٿ آيو، جنهن مان 3ويگو گاڏيون گم هنيون، گاڏين جي ماليت 2ڪروڙ 10 لک رپيا آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي