ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج انتظاميا پاران احتجاج ڪرڻ تي 5استاد برطرف

0
197
ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج

ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج انتظاميا احتجاج ڪندڙ  پنج استادن کي نوڪرين تان برطرف ڪري داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته ڪاليج کي لڳل تالا اڃا تائين کلي ناهن سگهيا، 21ڏينهن اڳ ٽيڪنيڪل ڪاليج انتظاميا سيڪورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي ڪاليج جي گيٽ کي تالا هنيا هئا

جڏهن ته استاد ٿوڙي شاگرد سراپا احتجاج هئا،  ڪاليج انتظاميه احتجاج ڪرڻ تي پنجن استادن علي نواز سميجو، آفتاب ڀٽو، تتهير ملڪ، احمد رحماني ۽ عباس سومرو کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو، ڪاليج انتظاميه پنهنجي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي پيج تان استادن کي نوڪرين تان برطرف  ڪرڻ جي وضاحت ڪري ڇڏي، ٻين استادن کي ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار به ڏئي ڇڏيو، برطرف استادن جو چوڻ آهي ته اسان ڪاليج کولڻ جو مطالبو ڪيو هو، هاءِ ڪورٽ ۾ انتظاميا خلاف ڪيس هلندڙ  آھي، ان تان هٿ کڻڻ لاءِ برطرف ڪيو ويو، اسان کي ڪو به ليٽر ناهي مليو.