سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر ۾ چونڊ چهچٽو: سمورن سياسي گهراڻن ۽ هائوسز پاران اميدوار بيهاريا ويا آهن ۽ پارٽين کان ٽڪيٽن جا مطالبا ڪري رهيا آهن، پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه پاران پنهنجو نامزدگي فارم ايم اين اي جي سيٽ لاءِ ڀرايو آهي، جڏهن ته پنهنجن پٽن فرخ شاهه، زيرڪ شاهه ۽ ناٺي توڙي ڀائٽي اويس شاهه کي ايم پي اي جي سيٽن لاءِ نامزدگي فارم ڀرايا آهن، پي ٽي آءِ ۾ رهندڙ مبين جتوئي ۽ ديدار جتوئي فارم ڀرايا آهن

سکر جي شيخ هائوس پاران ايم اين اي لاءِ نعمان اسلام شيخ کانسواءِ سندس گهرواري انيلا شيخ ۽ ڀاءُ سلمان شيخ فارم ڀريا آهن، ڌاريجا ڪٽنب پاران اڪرام الله ڌاريجي، سيف الله ڌاريجي ۽ عبدالقادر ڌاريجي فارم جمع ڪرايا آهن، هوڏانهن تازو پ پ ۾ شامل ٿيل محمد علي شيخ پاڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ اسلم شيخ جا فارم جمع ڪرايا آهن، ياد رهي ته سکر ضلعي ۾ ٻن قومي ۽ چئن صوبائي سيٽن تي چونڊون ٿينديون، پ پ سان لاڳاپيل سکر هائوس ۽ سيد هائوس کانسواءِ شيخ ڪٽنب به پنهنجي پنهنجي سياسي اهميت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، جڏهن ته گهوٽڪيءَ جو ڌاريجا ڪٽنب به پنوعاقل جي صوبائي سيٽ جو خواهشمند آهي

ٻي پاسي پ پ جي مقامي اڳواڻن به فارم جمع ڪرايا آهن، اڳ ۾ پي ٽي آءِ سان بيٺل طاهر حسين شاهه ۽ جتوئي هائوس جي اميدوارن به فيصلو ناهي ڪيو ته ڪنهن جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهندا، هڪ پاسي ناصر حسين شاهه پاران پنهنجي پٽ ڪميل حيدر شاهه سميت صوبائي سيٽ تي فارم ڀرايا ويا آهن ته ٻئي پاسي روهڙي سنگرار جي سيدن پاران به فارم جمع ڪرايا ويا آهن، اهڙي طرح سکر ضلعي ۾ چونڊ سياست ۾ هلچل سان گڏ مونجهارو به پيدا ٿيل آهي ته ڪهڙيون پارٽيون ڪنهن کي ٽڪيٽ ڏينديون، ان ڪري سواءِ پ پ جي اڳ ۾ رهندڙ قومي يا صوبائي ميمبرن کانسواءِ ٻيا ٻڏتر جو شڪار آهن، ڪجهه اميدوارن کانسواءِ ڪيترائي پارٽي وابستگي به ظاهر نه پيا ڪن

مٽياري ۾ چونڊ سرگرميون تيز: 378 پولنگ اسٽيشنون قائم

 ضلعي مٽياري جي قومي اسيمبليءَ واري تڪ اين اي 216 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مخدوم فضل حسين جو نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد رد ڪيو ويو آهي

جڏهن ته ساڳئي تڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي اڳوڻي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، مخدوم محبوب الزمان، سينٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير احمد ميمڻ، سندس ڀاءُ نصير ميمڻ، تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ مخدوم محسن سميت 22 ڄڻن جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ڪيا ويا آهن، هوڏانهن تعلقي مٽياري واري صوبائي تڪ پي ايس 57 تي 23 ڄڻن جا فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ٻن ڄڻن جا فارم رد ڪيا ويا آهن

جنهن ۾ پي ٽي آئي جو مخدوم فضل حسين ۽ اويس پانڌياڻي شامل آهن، بحال ڪيل اميدوارن ۾ مخدوم رفيق الزمان، مخدوم فخر الزمان، سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، سيد پير امير علي شاهه هاشمي، جي ڊي اي جو سيد جلال شاهه ڄاموٽ ۽ ٻيا شامل آهن، ٻئي پاسي هالا ۽ سعيداباد واري تڪ پي ايس 56 تي 16 اميدوارن جا نامزدگي فارم ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ مخدوم جميل الزمان، مخدوم محبوب الزمان، مخدوم احمد الزمان، بشير احمد ميمڻ ۽ نصير احمد ميمڻ سميت ٻيا شامل آهن

ضلعي جي هڪ قومي اسيمبلي واري تڪ عورت اميدوار نازش ڀٽي ۽ مٽياري واري تڪ تي نرگس پٺاڻ جا فارم به بحال ڪيا ويا هئا. هوڏانهن مٽياري جي قومي اسيمبليءَ واري تڪ اين اي 216 ۽ پي ايس 57 تي تعلقي مٽياري ۽ پي ايس 56 هالا سعيدآباد جي لاءِ 378 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا، جنهن ۾ مردن لاءِ 93، عورتن لاءِ 93 ۽ گڏيل 192 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون وينديون، جنهن ۾ 1266 بوٿ قائم ٿيندا، جنهن ۾ مردن لاءِ 662 ۽ عورتن لاءِ 604 بوٿ قائم ڪيا ويندا

جي يو آءِ ميان صاحب جي امير پاران پ پ اميدوار جي حمايت جو اعلان

جي يو آءِ يوسي ميان صاحب جي امير مولانا عبدالعزيز جهلڻ برادري ۽ دوستن سميت اين اي 192 تي پ پ اميدوار شبير بجاراڻي جي حمايت جو اعلان ڪيو

 ان موقعي تي مولانا عبدالعزيز جهلڻ جو چوڻ هو ته تعلق جي يو آءِ سان آهي، اين اي 192 تي پ پ اميدوار شبير بجاراڻي کي ووٽ ڏينداسين. ياد رهي ته تازو اين پي پي ڇڏي جي يو آءِ ۾شموليت ڪندڙ  ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي اين اي 192 جو اميدوار آهي

ساڃاهه وندن کي ووٽ ڏيو: لياقت ميراڻي جا سڪرنڊ ۾ هوڪا

مختلف شهرن ۾ وڃي سنڌ دوست اميدوارن جي حمايت ۾ ڏوڪري کان نڪتل تعليمي ماهر پروفيسر لياقت ميراڻي اڪيلي سر سڪرنڊ شهر جي مختلف علائقن بازارن ۽ چوڪن تي پهچي لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪندو رهيو ته سڪرنڊ سميت سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته هن ڀيري سنڌ دوست نمائندا چونڊين

 هن چيو ته سڪرنڊ جي ماڻهن کي گهرجي ته سيد زين شاهه کي سوڀارو ڪن، جيئن سنڌ جي ماڻهن جو حقيقي آواز اسيمبلين تائين پهچي سگهي، هن چيو ته پ پ وارن سنڌ کي مسلسل لٽيو آهي، سنڌ کي اڏوهي وانگر کاڌو آهي، سنڌ جون زمينون هٿ سان ملڪ رياض کي وڪرو ڪيون آهن

 لياقت ميراڻي جي اچڻ واري خبر تي ايس يو پي جا ڪارڪن ايوب کوسو، قاسم سومرو، علي سومرو ۽ محمد خان گداري پهچي ويا، جن اهڙي ڪوشش کي ساراهيو ۽ ساڻس گڏ رهيا