لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ چونڊ وڙهندڙ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي رٽرننگ آفيسرن جي فيصلي ۽ مختلف اميدوارن خلاف اپيلون داخل ڪيون ويون آهن.  مليل معلومات موجب اين اي 190 تي چونڊ وڙهندڙ اصغر علي پنهور طرفان پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻي جي صدر مير اعجاز حسين جکراڻي جي نامزدگي فارمن جي بحالي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو / اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪندي اعجاز حسين جکراڻي ۽ لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر کي ڌر بڻائيندي اپيل داخل ڪرائي آهي.  اين اي 191 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف اقرار علي خان جکراڻي اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. اين اي 193 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر اور جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب احمد سومرو اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. اين اي 194، پي ايس 10 ۽ پي ايس 11 تي آر اوز طرفان نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي لاڳاپيل آر اوز جي فيصلن خلاف پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي پٽ مير مزمل ابڙو اليڪشن ٽربيونل ۾ ڌار ڌار اپيلون داخل ڪرايون آهن. اين اي 194 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ محمد علي پنهور اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. اين اي 196 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف آر او جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ ناهيد کهاوڙ اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. پي ايس 11 لاڙڪاڻو تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالرئوف ڪورائي اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. ساڳي ئي تڪ تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ عبدالخالق کهڙو اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. پي ايس 11 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ مهجبين مغل اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. پي ايس 13 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف سڪندر علي چنو اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. پي ايس 10 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر اور جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد عرس کوکر اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. پي ايس 5 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف جمشير اوڳاهي اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. پي ايس 7 شڪارپور تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي آر او جي فيصلي خلاف وقار احمد ميمڻ اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي. ان کان علاوه لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ مختلف پارٽين جي اميدوارن طرفان به اليڪشن ٽربيونل ۾ ڌار ڌار اپيلون داخل ڪرايون ويون آهن.