سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر ۾ چونڊ چهچٽو: سمورن سياسي گهراڻن ۽ هائوسز پاران اميدوار بيهاريا ويا آهن ۽ پارٽين کان ٽڪيٽن جا مطالبا ڪري رهيا آهن، پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه پاران پنهنجو نامزدگي فارم ايم اين اي جي سيٽ لاءِ ڀرايو آهي، جڏهن ته پنهنجن پٽن فرخ شاهه، زيرڪ شاهه ۽ ناٺي توڙي ڀائٽي اويس شاهه کي ايم پي اي جي سيٽن لاءِ نامزدگي فارم ڀرايا آهن، پي ٽي آءِ ۾ رهندڙ مبين جتوئي ۽ ديدار جتوئي فارم ڀرايا آهن، سکر جي شيخ هائوس پاران ايم اين اي لاءِ نعمان اسلام شيخ کانسواءِ سندس گهرواري انيلا شيخ ۽ ڀاءُ سلمان شيخ فارم ڀريا آهن، ڌاريجا ڪٽنب پاران اڪرام الله ڌاريجي، سيف الله ڌاريجي ۽ عبدالقادر ڌاريجي فارم جمع ڪرايا آهن، هوڏانهن تازو پ پ ۾ شامل ٿيل محمد علي شيخ پاڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ اسلم شيخ جا فارم جمع ڪرايا آهن، ياد رهي ته سکر ضلعي ۾ ٻن قومي ۽ چئن صوبائي سيٽن تي چونڊون ٿينديون، پ پ سان لاڳاپيل سکر هائوس ۽ سيد هائوس کانسواءِ شيخ ڪٽنب به پنهنجي پنهنجي سياسي اهميت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، جڏهن ته گهوٽڪيءَ جو ڌاريجا ڪٽنب به پنوعاقل جي صوبائي سيٽ جو خواهشمند آهي، ٻي پاسي پ پ جي مقامي اڳواڻن به فارم جمع ڪرايا آهن، اڳ ۾ پي ٽي آءِ سان بيٺل طاهر حسين شاهه ۽ جتوئي هائوس جي اميدوارن به فيصلو ناهي ڪيو ته ڪنهن جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهندا، هڪ پاسي ناصر حسين شاهه پاران پنهنجي پٽ ڪميل حيدر شاهه سميت صوبائي سيٽ تي فارم ڀرايا ويا آهن ته ٻئي پاسي روهڙي سنگرار جي سيدن پاران به فارم جمع ڪرايا ويا آهن، اهڙي طرح سکر ضلعي ۾ چونڊ سياست ۾ هلچل سان گڏ مونجهارو به پيدا ٿيل آهي ته ڪهڙيون پارٽيون ڪنهن کي ٽڪيٽ ڏينديون، ان ڪري سواءِ پ پ جي اڳ ۾ رهندڙ قومي يا صوبائي ميمبرن کانسواءِ ٻيا ٻڏتر جو شڪار آهن، ڪجهه اميدوارن کانسواءِ ڪيترائي پارٽي وابستگي به ظاهر نه پيا ڪن.