مٽياري: واپاري واسو مل اغوا مامرو: پوليس پاران 13 کان وڌيڪ شڪي گرفتار

0
340

مٽياري: واپاري واسو مل جي اغوا ٿيڻ بعد پوليس مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون ڪري 13 کان مٿي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ڀٽ شاهه ٿاڻي جي حد مان نامعلوم هٿياربند نوجوان واپاري واسو مل کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا. جنهن بعد ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ هن چار ٽيمون جوڙيون جيڪي ان معاملي جي جاچ ڪري رهيون آهن. جوڙيل ٽيمن جي سربراهي ڊي سي پي، سي آئي اي، مٽياري، هالا ۽ نيوسعيدآباد کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن ڀٽ شاهه، هالا، سانگهڙ، شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ٻين مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي شڪ جي بنياد تي 13 کان مٿي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.