ثقافت کاتي حيدرآباد جي تاريخي مکي هائوس کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو!

0
438

حيدرآباد: ثقافت کاتي حيدرآباد جي تاريخي مکي هائوس کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جو افتتاح صوبائي وزير سردار شاهه پاران ڪيو ويو. صوبائي وزير تاريخي بادشاهي تخت گاهه پڪي قلعي تان قبضو خالي ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي. هن چيو ته پڪي قلعي تان قبضا ختم ڪرائڻ کي متبادل طور زمين جي فراهمي، انساني آبادي ۽ سياسي مسئلو سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته تاريخي ماڳ ورهاڱي بعد 80 هزارن کان هڪ لک تائين خاندانن جي قبضي هيٺ اچي چڪو آهي، سنڌ سرڪار تاريخي ماڳ پڪي قلعي تان قبضو ختم ڪرائڻ جي ڪوڙي لٻاڙ نٿي هڻي سگهي، پڪي قلعي ۾ ويٺل ماڻهن کي ٻاهر منتقل ڪرڻ آسان ڪم ناهي، قلعي ۾ 80 هزار کان هڪ لک ماڻهن جي آبادي موجود آهي، هزارين خاندانن کي پڪي قلعي مان متبادل هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ متبادل زمين ڪٿان اچي؟ هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن سان به ڳالهايو آهي، قلعي مان ماڻهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون وٺبيون پر ان ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.