عامر کي ڪاجول سان ڪم کان روڪيو هو:شاهه رخ خان

0
228

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ انڪساف ڪيو آهي ته هن عامر کي ڪاجول سان ڪم کان روڪيو هو. هڪ انٽرويو دوران شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو ته جڏهن هو فلم بازيگر جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ته ان دوران عامر خان مون کان ڪاجول بابت پڇيو هو ۽ مونکي چيو ته هو ڪاجول سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، شاهه رخ خان ٻڌايو ته ان وقت مون کيس چيو ته ڪاجول سٺي ڇوڪري ناهي ۽ هن جو ڪم تي ڪوبه ڌيان ناهي انڪري تون هن سان گڏ ڪم نه ڪر. هن چيو ته ان ئي رات مون تبديلي ڏٺي ۽ عامر خان کي ڪال ڪري چيو ته آئون نٿو ڄانان ته اهو ڇا آهي پر هن اسڪرين تي معجزو ڪري ڏيکاريو. واضح رهي ته ڪاجول ۽ شاهه رخ خان فلم بازيگر ۾ 1993 ۾ رليز ٿي هئي.