مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ويجهو ڳوٺ ماٽرو ڀرٽ ۾ زمين جي تڪرار تان ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ، فائرنگ، گولي لڳڻ سبب پيرسن عورت قتل. مٺياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ماٽرو ڀرٽ ۾ زميني جي پراڻي هلندڙ تڪرار تان ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ پيرسن عورت مسمات سياڻي زال پنهل ڀرٽ مبينا طور گولي لڳڻ ڪري قتل ٿي وئي. اهڙو اطلاع مٺياڻي پوليس کي ملڻ کان پوءِ مٺياڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مٺياڻي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ ڪري لاش جو پوسٽ ڪرائڻ لاءِ نوشهروفيروز نيو ويو. جڏهن ته قتل ٿي ويل پيرسن عورت جي پٽ علي گوهر ڀرٽ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو زمين جو تڪرار تان سردار سليم ڀرٽ واري ڌر سان تڪرار هلندڙ آهي هنن اوچتو اسان جي گهرن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ ڪري منهنجي امڙ قتل ٿي وئي آهي ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.