بدين (رپورٽر) بدين ضلعي جي پوڇڙيءَ ۾ وڏي عرصي کان پاڻي کوٽ خلاف هلندڙ احتجاج ايريگيشن اختيارين کي نيٺ جاڳائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ وار رات انجنيئر اڪرم واھ نديم عيساڻي ۽ ٻين آبپاشي عملدار آر ڊي 46 ۽ آر ڊي 26 وٽ اوچتا هڻي لفٽ مشينون ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو. ڪارروائي دوران پاڻي چور هلندڙ لفٽ مشينون ۽ ٻيو سامان ڇڏي فرار ٿي ويا. اڪرم واھ جي پوڇڙ واري سب ڊويزنن ڪڍڻ قاضيه ۽ شادي سب ڊويزن جي آبادگارن پاڻي چورن خلاف ڪارروائي کي ساراهيندي آپريشن جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بدين ضلعو بچايو تحريڪ جي ڪنوينر عزيز ڏيرو، عبدالغفور چانڊيو، لالا نواز شيخ، محمود طارق جٽ، گل محمد گرگيز، خليل ڀرڳڙي، عبدالحفيظ ميمڻ ۽ ٻين ايم ڊي سيڊا ۽ ايريا واٽر بورڊ کان مطالبو ڪيو آهي ته اڪرم واھ تي منڍ جي بااثر آبادگارن پاران پاڻي چوري بند ڪري پوڇڙ ۾ رسائي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿيل پوڇڙ جا آباگار ٻيهر پنهنجا فصل پوکي سگهن. هنن واضح ڪيو ته بدين ضلعي جي پاڻي چوري مڪمل طور بند ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. ٻئي طرف انجنيئر اڪرم واھ جي نديم عيساڻي ٻڌايو ته اسان پاڻي چورن خلاف ڏينھن رات آپريشن ڪري رھيا آھيون، ڪنھن کي به پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، ھر حال ۾ ٽيل تائين پاڻي پهچايو ويندو. بااثر پاڻي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته اڪرم واهه آر ڊي 46 ۽ آر ڊي 26 تي هاليپوٽا، لغاري ۽ خاصخيلي برادرين سان تعلق رکندڙ بااثر آبادگار پاڻي چوريءَ ۾ ملوث آهن، جن کي اڪرم واهه مان لفٽ مشينن ذريعي 6 انچ قطر پائيپ ذريعي پاڻي وهائڻ جي اجازت مليل آهي پر رات جو 15 کان 24 انچ قطر جي پائيپن ذريعي لفٽ مشينن سان پاڻي چوري معمول بڻيل آهي.