ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي ڪيل فيصلن جي روشني۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ميٽرڪ جا امتحان 5 جولاءِ ۽ انٽر جا امتحان 26 جولاءِ کان ٿيندا، جڏهن ته نائين ڪلاس جا امتحان ڏهين درجي جي امتحان کانپوءِ ورتا ويندا، ساڳئي ريت يارهين جماعت جا امتحان به ٻارهين جماعت جي امتحانن کانپوءِ ورتا ويندا. سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي ماتحت ٿيندڙ ڏهين جا امتحان 6 جولاءِ ۽ ٻارهين جا 27 جولاءِ کان ورتا ويندا.