ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ڪورونا جي شرح گهٽجي 1.9 سيڪڙو تي پهچي وئي، 24 ڪلاڪن دوران 39 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته3 مهينن ۾ پهريون ڀيرو متاثر مريضن جو انگ گهٽجي رڳو 1043 پهچي ويو ، ڪراچي ۾ ڪورونا شرح 10.5 ۽ حيدرآباد ۾ 5.5، پنجاب ۾ 0.5 ۽ بلوچستان ۾ 5 سيڪڙو رهي، سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 8 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته24 ڪلاڪن دوران 542 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت 19830 مريض علاج هيٺ آهن، 561 مريضن جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 49 مريض وينٽيليٽرز تي آهن، ڪراچي ۾279 ، بدين ۾ 26، حيدرآباد ۾ 25، ٺٽي ۾ 18، ميرپورخاص ۾ 15، نو شهري فيروز ۾ 13، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 12-12، ٿرپارڪر ۾ 11، دادو ، ڄامشورو ۽ قمبر ۾ 10-10، جيڪب آباد ۾ 9، ٽنڊي الهيار 8، سجاول ۾ 7، سکر ۾ 4، ڪشمور 3، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ عمرڪوٽ ۾ 2-2 ڪيس رپورٽ ٿيا. ميرواهه گورچاڻي جو خطيب جامع مسجد مولانا محمد بخش لغاري ڪورونا وگهي ڪراچيءَ جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين جي کوٽ سبب 60 سيڪڙو سينٽر بند رهيا، صحت کاتي موجب سڀاڻي 20 جون کان ويڪسين پهچڻ بعد سينٽر فعال ٿي ويندا“ ٻئي طرف افغانستان ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان سرڪار افغانين جي پاڪ افغان باب دوستي وٽان پيادل آمد تي بندش وجهي ڇڏي آهي