حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حيدرآباد ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت کي روڪڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت کي روڪڻ واري فيصلي خلاف سنڌ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز پاڪستان سب ريجن حيدرآباد جي وائيس چيئرمين ڪاشف شيخ پنهنجي وڪيل معرفت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي. پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سيد منصور علي شاهه ۽ جسٽس امين الدين خان تي مشتمل ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد حددخليون هٽائڻ خلاف پٽيشن جي ٻڌڻي دوران حيدرآباد ۾ گرائونڊ پورشن سميت 4 منزلن جي اڏاوت کان مٿي جي اڏاوت کي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن سان اڏاوتي ڪم سخت متاثر ٿيندو ۽ ماڻهو بيروزگار پڻ ٿيندا. گڏوگڏ سرڪار کي ٽيڪسن جي مد ۾ پڻ نقصان ٿيندو. ان ڪري ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. پٽيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سوموٽو نوٽيس جو اختيار صرف سپريم ڪوٽ آف پاڪستان وٽ آهي جڏهن ته ڄاڻايل عدالت سوموٽو نوٽيس تحت اهو فيصلو ڏنو هو. عمارتن جي اڏاوتن جي حوالي سان قانون موجود آهي ۽ اهو فيصلو انهن قانونن جي به ابتڙ آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي آرڊرز کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ پٽيشن جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.