ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ سبب 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 6 فرار ٿي ويا. ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڪوئيٽا سان لاڳاپيل علائقي مارواڙ ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي جنهن سبب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ان جا 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ترجمان موجب دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهندڙ آپريشن کانپوءِ دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڪمپائونڊ جي تلاشي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪمپائونڊ مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ آيا آهن. ترجمان موجب دهشتگرد گذريل هڪ مهيني کان فورسز تي حملن ۾ ملوث رهيا آهن.