ميمبرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڀڙڪائڻ وارو بيان انتهائي خطرناڪ آهي:مريم نواز

0
278
نيب رڳو استعمال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ عمران خان طاقتور کي قانون جَي تابع آڻڻ جا ڀاشن ڏيندو هو، چوندو هو ته جيڪڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ته سمجهي وڃو ته وزير اعظم ڪرپٽ آهي، خان صاحب هاڻ پاڻ کسڪڻ جِي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

صحافين سان ڳالھائيندي نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي لاهور ۾ ويڪسينيشن واري کِل جوڳي خبر ٻڌي ڳڻتي ٿي آهي، حڪومت جي هر شئي جعلي آهي، هاڻي ماڻهو به چون ٿا ته وزيراعظم جي حيثيت ميئر کان وڌيڪ نه آهي، ڌانڌلي جي پيداوار جو سوراخ بند ٿيڻ تائين چونڊ سڌارن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو.

مريم نواز چيو تھ  اي وي ايم ذريعي 2018ع جيان ووٽ چوري ڪرڻ جي نئين ڪهاڻي گَهڙِي پئي وڃي، ادارن جي احترام جو درس ڏيندڙ اليڪشن ڪميشن تي حملي آور آهن، ميمبرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڪرڻ وارو بيان انتهائي خطرناڪ آهي، جاويد لطيف نواز ليگ جو سچو سپاهي آهي، نوٽيس جي جواب ۾ خبر پئجي ويندي ته سندس بيان پويان ڪهڙا ڪارڻ هئا.