نندو (رپورٽ: خادم حسين ميمڻ) نندو لڳ ڳوٺ ارباب موڙ تي عيسو ملاح جي گهر تي 10 هٿياربندن مبينا طور چڙهائي ڪري 4 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ رانجهن ملاح ۽ 20 ورهين جي زبيده ملاح تي سخت تشدد ڪيو، هٿياربند گهرڀاتين تي سخت تشدد بعد ناري زبيده ملاح کي اغوا ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڪهاڙيون لڳڻ سبب ناري جو مڙس رانجهن ملاح ، سهرو عيسو ملاح ۽ محبوب ملاح زخمي ٿي پيا، زخمين کي نندو رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف 5 ڪلاڪن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، نندو ٿاڻي تي عيسو ملاح جي فرياد تي صالح ملاح ،محبوب ملاح ،گلزار ملاح سميت 10 ڄڻن تي قلم 365/ B ۽ 458 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف ناري جي مڙس رانجھن ملاح پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان 4 مهينا اڳ عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي، جنهن بعد اسان دربدر رهيا سين، اڄ ڳوٺ آياسين ته زبيده جي مائٽن هٿياربند ساڻ ڪري گهر تي چڙهائي ڪري تشدد بعد منهنجي زال زبيده کي اغوا ڪري ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زال بازياب ڪرائي وڃي.