ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جي اڳوڻي ايس ايچ او کي حراست ۾ ورتو ويو، ڪنهن به اداري گرفتاري جي تصديق نه ڪئي. ان ڏس ۾اڳوڻي ايس ايچ او سچل هارون ڪورائي جي پٽ عامر ڪورائي 15 مددگار تي ڪال ڪري اطلاع ڏنو ته منهنجي والد هارون ڪورائي کي سعدي ٽائون جي داخلي گيٽ تان حراست ۾ ورتو ويو آهي. عامر موجب سادا ڪپڙا پاتل اهلڪارن سان گڏ رينجرز به هئي. پوليس موجب مددگار 15 تي اطلاع ملڻ بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ڪنهن به اداري ٿاڻي سان رابطو ناهي ڪيو. واضح رهي ته هارون ڪورائي تي منشيات جي سرپرستي سميت مختلف انڪوائريون به هلندڙ آهن