جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ھڪ عورت کي ويم لاءِ ايمرجنسي ۾ آندو ويو، اسپتال عملي کيس ويم ڪرائڻ کان جواب ڏيندي نجي اسپتال کڻي وڃڻ جو چيو، ان دوران وارث عورت کي ڪار ۾ وجهي کڻي وڃي رهيا هئا ته ايمرجنسي ۾ عورت ڪار اندر ئي ويم ڪيو، عورت جي وارثن مھراڻ ڪار نمبر AZQ712 کي چوڌاري پوتيون ٻڌي پنهنجي مدد پاڻ تحت ويم ڪرايو. جمس اسپتال ۾ ڪار اندر ويم ڪندڙ عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ڇو ته ھو ويم بعد واپس ھليا ويا ھئا جڏهن ته ان دوران اسپتال ۾ موجود ڪجهه ماڻهن ان سڄي منظر کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو ۽ اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد جمس جي عملي سان رابطو ڪري معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر جمس عملي اھڙي ڪنهن به واقعي جي تصديق نه ڪئي ۽ چيو ته ان بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ ناهي. ھوڏانھن جمس اسپتال جي اڳڻ تي ڪار ۾ عورت جي ويم واري وڊيو تي شھر جي سڄاڻ ڌرين افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 60 ڪروڙ کان مٿي جي بجيٽ رکندڙ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن جمس اسپتال جي اڳڻ تي گاڏي اندر ويم وارو واقعو افسوسناڪ آهي وزير صحت ۽ سيڪريٽري صحت اھڙي معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪن.