ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ايف آئي اي حيدرآباد جي هڪ ٽيم نيشنل بينڪ ڪوٽڙي برانچ جي عملي خلاف ڪارروائي ڪري پينشن جي رقم ۾ خرد برد جي الزام ۾ چئن بينڪ ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پينشن جي رقم ۾ خرد برد ڪرڻ م شامل پنج بينڪ ملازم مٿان ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو، ايف آءِ اي ٽيم نيشنل بينڪ ڪوٽڙي برانچ جي چئن ملازمن محمد سلیم ڀٽو، لطف الله ميمڻ، محمد قاسم ۽ تحريم بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس ۾ شامل هڪ آفيسر محمد قاسم ڪامران کي روپوش قرار ڏنو ويو. نيشنل بينڪ ڪوٽڙي برانچ ۾ سال 2014 کان 2016 جي دوران پينشن جي مد ۾ خرد برد ڪئي وئي هئي، پينشن ۾ خرد برد تي بينڪ اٿارٽي پاران تحقیقات ڪرڻ بعد ايف آءِ اي کي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو جنهن بعد ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري ملازمن کي گرفتار ڪيو آهي. ايف آء اي عملدارن موجب پينش جي مد ۾ نيشنل بينڪ ڪوٽڙي برانچ ۾ ست ڪروڙ روپين فراڊ ڪيو ويو هو، جنهن جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد گرفتاريون ڪيون ويون آهن.