خانپور: محمد حيات پھوڙ، شمس الدين، نورمحمد پھوڙ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مير حسن پھوڙ وارن 2 ڏينھن اڳ حملو ڪري اسان جا ماڻھو زخمي ڪيا. پوليس ناجائزي ڪندي اسان جا ماڻهو گرفتار ڪري وئي. هنن چيو ته نوجوان خليل پھوڙ ٻن ڏينھن کان گم ھو، ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي دانهن کڻي وياسين، پوليس نه ڪيس داخل ڪيو نه ئي نوجوان کي ھٿ ڪري سگھي. مير حسن پھوڙ وارن اسان جي نوجوان کي ماري واهه ۾ لاش اڇلايو