خانپور:  الزام ھيٺ آيل ڌر جي پ پ اڳواڻ مير حسن پھوڙ سوشل ميڊيا ذريعي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مخالفن مستاني نوجوان جي قتل جو ڪوڙو الزام ھڻي اسان تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. انهن سان زمين اسان جو  زميني تڪرار ھلندڙ آھي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالله پهوڙ فيصلو به ڪيو ھو، جيڪو ھنن نه مڃيو،  اسان ڪورٽ سڳوريءَ ۾ ڪيس ڪيو جتي ھو حاضري تي به نه ايندا ھئا.  ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2 ڏينھن اڳ انھن اسان مٿان حملو ڪيو ھو، ان ڏينھن کان چوندا هئا ته سندن نوجوان گم آھي، اسان ڪنھن ملنگ کي ڇو مارينداسين؟ ھن الزام ھڻندي چيو ته سياسي چرچ تي ڪجهه شرپسندن جي چوڻ تي ھنن پنھنجي مستاني کي پاڻ ماريو جيئن اسان مٿان ڪيس ٺھي سگھي، شفاف جاچ ڪرائي وڃي.