ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص جي علائقي بخاري ٽائون واسي04 ٻارن جو پيءُ پورهيت عارف علي جٽ جيڪو ڪوچن تي ڪنڊيڪٽري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، جيڪو گذريل 06 مهينن کان موذي مرض ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ ڪري گهر ۾ بستر تي پيل آهي، گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو بيماري جي بستر حوالي هجڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، بيماري ۾ مبتلا عارف جٽ ٻڌايو ته گذريل 06 مهينن کان موذي مرض ۾ مبتلا آهيان گهر جو الهه تلهه کپائي علاج ڪرايو پر ڪوبه فرق نه پيو، ڊاڪٽرن موجب سندن علاج تي لکين رپيا خرچ ايندا، ڪنڊيڪٽري ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو هئس پر هاڻي ڪمائڻ جهڙو نه آهيان جنهن ڪري گهر ۾ ٻه ويلا ماني کائڻ به مشڪل بڻيل آهي، سندس امڙ زينب ۽ گهر واري آسيا زارو قطار روئندي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته عارف جٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي مالي سهائتا ڪري ٻچن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.