ڪراچي ۾ بحريه ٽائون کي زمين وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

0
424

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ بحريه ٽائون کي زمين وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پارٽي اڳواڻن جي صحيح سان ٺهراءُ جمع ڪرايو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جون زمينون بحريه ٽائون کي وڪرو ڪري رهي آهي، ملير ۾ قيديمي ڳوٺن کي بحريه ٽائون ذريعي مسمار ڪرائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، ٺهراءُ ۾ قديمي ڳوٺن جي رهواسين تي تشدد ڪندڙ بحريه ٽائون جي انتظاميا ۽ آفيسرز خلاف ڪارروائي جو مطالبو، ملير ۽ سنڌڙي ۾ بحريه ٽائون انتظاميا خلاف مظاهرا ڪيا ويا، قيديمي ڳوٺن جي زمينن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.