مورو(ن پ ا) تعلقي موري ۾ چوريون، ڌاڙا، ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون، تعلقي بار مورو جي اڳواڻ ماجد حسين زرداري کان نامعلوم ڦورو سي ڊي موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿيڻ دوران وڪيل مزاحمت ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ ڦورو پنھنجي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ھوڏانھن تعلقي بار جي صدر امين الدين خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري قادر بخش ڪورائي پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته مورو شھر جا شھري بيوس ۽ غير محفوظ بڻجي ويا آھن، انتظاميا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته وڪيل اڳواڻ ماجد حسين زرداري کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل، موبائل ۽ پئسا واپس ڪرايا وڃن ۽ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو.