حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي پاران ملازمن کي عيدالفطر جي موقعي تي ملندڙ ليو انڪيشمينٽ، ڊفرنس ۽ گئس جي مد ۾ هزارين رپين جي ڪٽوتي خلاف ٻئي ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ڪٽوتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سيوا اڳواڻن محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار رستماڻي، رستم چانڊيو، يار محمد لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي جي موجوده وي سي ملازمن سان ناجائزي ڪندي کين عيد جي موقعي تي ملندڙ ليو انڪيشمينٽ ۽ 10 سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ جو ڊفرنس نه پيو ڏي، جنهن جي ڪري ملازمن ۾ تمام گهڻي مايوسي ڦهليل آهي، هنن چيو ته يونيورسٽي جي ملازمن پنهنجي ٻارن لاءِ عيد جي خريداري نه ڪئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ماهوار پگهار مان گئس جي مد ۾ هزارين رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، هنن گهر ڪئي ته ليو انڪيشمينٽ سميت وڌايل پگهارن جو ڊفرنس ڏنو وڃي ۽ پگهار مان گئس جي مد ۾ ڪيل ڪٽوتي واپس ڪئي وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته هو احتجاج جو دائرو وڌائي ڇڏيندا.