ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص جي علائقي ڪريم آباد ۾ درگاهه رحمت شاهه بخاري تان مبينا چوري ڪرڻ جي الزام ۾ سوگهو ڪيل نوجوان ڳوٺ دولت لغاري جي رهواسي نفيس لغاري جا وار ڪوڙي تذليل ڪرڻ واري واقعي جو سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد درگاهه جي مجاور حيدر عباسي ۽ ويڊيو ۾ وار ڪوڙيندڙ نوجوان شجاع عباسي کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، پوليس موجب جوابدارن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.