شاهپورچاڪر (ن پ ا ) شاهپور چاڪر ويجهو ٻه ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل ڳوٺ ملان ٻيڙو ڪيريو واسي شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جو اڳواڻ گل ڪيريو زخمن جا سور نه سهندي نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو، ٻئي پاسي سنڌي ادبي سنگت شاخ جي ميمبرن پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، واقعي جو جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿيل آهي، جنهن کي ڦر دوران شاعر جي رڙين تي علائقي واسين پهچي سوگهو ڪيو هو، جنهن جي سڃاڻپ کڏڙي واسي مير حسن خاصخيلي طور ٿي هئي، ان ڏس ۾ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.