وارھ (ن پ ا) وارھ جي سرڪاري گدام مان راشن چوري جو ڪيس روينيو کاتي جي ڪلارڪ طارق نور سومرو جي فرياد تي ٽائون ملازم عبدالوحيد ٻگهيو ۽ گڏھ گاڏو هلائيندڙ عاشق مرکنڊ مٿان داخل ڪيو ويو.فريادي موقف اختيار ڪيو ته سامان جي حفاظت لاءِ ويئر هائوس وياسين ته عبدالوحيد ٻگهيو ۽ گڏھ گاڏو هلائيندڙ عاشق مرکنڊ سامان چوري ڪري رهيا هئا.پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي.ياد رهي 2 ڏينهن اڳ وارهه جي سرڪاري گدام مان ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل سامان مان چوري ٿيو هو.