ميرپورخاص: عدالتي حڪم تي ڪارروائي، 18 ھاري بازياب

0
229

ميرپورخاص(ن پ ا) عدالتي حڪم تي زميندار جي مبينا نجي جيل ۾ قيد 18 ھارين کي ڦلھڏيون پوليس بازياب ڪرائي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، بازياب ٿيل سمورن ھارين کي عدالت مرضي موجب زندگي زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڦلھڏيون پوليس زميندار قاضي عرس نقرچ جي زمين تي ڇاپو ھڻي مبينا باندي بڻايل عورتن ٻارڙن 18 ھارين کي بازياب ڪرايو، ،بازياب ٿيلن ۾ وسندا، بيگو، غلام فاطما، سوھڻي، عارب، مير، امير بخش، حميران، سياڻي، خاتون، مشتاق، سونا، سيڪلڌو ۽ ٻيا شامل آھن.هنن چوڻ آهي ته زميندار اسان کان جبري پورھيو ڪرائيندو ھو ۽ حساب ڪتاب نه ڪندو ھو، حساب ڪتاب گھرڻ تي گھر ڀاتين کي نجي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو ھو.