جيڪب آباد: 3 پوليس اھلڪارن سوڌو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
188

جيڪب آباد(ن پ ا) 17 ڏينهن اڳ پوليس ھٿان مقابلو ڄاڻائي ماريل ٻن نوجوانن وارو مامرو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظھور احمد ھڪڙو جي عدالت مقتولن جي وارثن جي فرياد تي 3 پوليس اھلڪارن سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مقتول بختيار جکراڻي جي پيءُ احمد ارشاد ۽ مقتول محمد شير جکراڻي جي ڀاءُ رھزن جکراڻي وڪيل معرفت 10 ڏينهن اڳ درخواست داخل ڪرائي ھئي، درخواستگذار جو وڪيل مصري جکراڻي جو چوڻ آهي ته عدالت ٻنهي درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ بعد پوليس اھلڪارن مٿان ايف آئي آر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته 22 مئي تي پوليس اھلڪارن موٽرسائيڪل نه بيھارڻ تي نوجوانن مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪئي ھئي.