ميروخان ۾ خريداري سينٽر نه کليو، آبادگار ڪڻڪ وڪڻڻ لاءِ پريشان

0
450

ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ ڪڻڪ جو فصل لهڻ باوجود سرڪار پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر قائم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري آبادگار سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي آبادگارن حذب الله گوپانگ، مير منظور بروهي، اشرف علي مستوئي ۽ اڪبر جاگيراڻي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي فصل لهڻ کي مهينو ٿيڻ وارو آهي پر هن وقت تائين ڪڻڪ خريداري جو سينٽر نه کلي سگهيو آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪيون پيا، هنن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 2 هزار آهي پر بارداڻو نه ملڻ ڪري واپاري هڪ هٽي قائم ڪري 1850 اگهه تائين خريد ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري لکين روپين جو نقصان پئجي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته خريداري سينٽر قائم ڪري ڪڻڪ خريد ڪري نقصان کان بچايو وڃي، ٻي طرف قمبر ضلعي جي فوڊ ڪنٽرولر علي مگسي ٻڌايو ته ميروخان ۾ فوڊ انسپيڪٽر مقرر نه ٿيڻ جي ڪري سينٽر نه کلي سگهيو آهي، فوڊ انسپيڪٽر مقرر ٿيندو ته سينٽر کولي ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪئي ويندي.