ميروخان (ن پ ا) ميروخان ٿاڻي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ صدام خاصخيلي پاران وڊيو ڪال ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ چئني ٿاڻن ميروخان، بهرام، سجاول جوڻيجو ۽ کبڙ جي ايس ايڇ اوز، وڏن منشين ۽ ڊي ايس پي ميروخان شرڪت ڪئي، مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جي عوام پوليس جون شڪايتون ڪيون، شرڪت ڪندڙن چيو ته پوليس پڪٽون ۽ پوليس گشت نه هجڻ ڪري بدامني ۾ اضافو ٿيو آهي، پوليس پڪٽون قائم ڪري گشت وڌايو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته عوام لاءِ منهنجي آفيس جا دروازا هر وقت کليل آهن، وڊيو ڪچهري جو مقصد عوام جا ڏک سور معلوم ڪرڻ آهي، ماڻهنجي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو.