ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف ميڊيڪل اسٽور يونين جي سڏ تي هڙتال، مظاهرو، ڌرڻو، رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مسلسل ميڊيڪل اسٽور مالڪن کان ڦر وارداتن خلاف ميڊيڪل اسٽور يونين جي اڳواڻن ميڊيڪل اسٽور بند ڪري هڙتال ڪئي، جنهن دوران شهر جا 100 کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور مڪمل طور بند رهيا، جڏهن ته احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان ڏس ۾ ميڊيڪل اسٽور يونين اڳواڻن پرڪاش ڪمار منشاني، ڪيلاش ڪمار، آڪاش ڪمار، رنجيت ڪمار، وڪيل وشال منشاني، وڪيل محمد نواز، وڪيل منظور بنگور، چندر لال ۽ ٻين چيو ته بدامني سبب روزگار ٺپ ٿي ويو آهي، هر روز ميڊيڪل اسٽور مالڪن کان ڦرون معمول بڻيل آهن، هنن چيو ته تازو اسٽور مالڪ رنجيت ڪمار کان سوا لک روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا پر پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن جو چوڻ هو ته ميڊيڪل اسٽورن تان ڦر وارداتون وڌي وڃڻ سبب مجبور ٿي هڙتال ڪئي آهي، بعد ۾ ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ 2 ڏينهن اندر ڦر ٿيل پئسا واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، واپارين ايس ايس پي تي واضح ڪيو ته ڦر ٿيل رقم واپس نه ٿي ۽ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ٻيهر هڙتال ڪري تحريڪ شروع ڪئي ويندي.