ميروخان (ن پ ا) ميروخان لڳ ڳوٺ پانڌي جروار ۾ 4 مهينا اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل شهدادڪوٽ واسي نوجوان امان اﷲ مستوئي جي خون جو جرڳو ڳوٺ چاڪياڻي ۾ محبوب شاھ جي سرپئنچي هيٺ ٿيو،  جرڳي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد الزام هيٺ آيل اڪبر جروار جي ڌر مٿان نوجوان امان اﷲ مستوئي جي بيگناھ خون جو 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، اهڙي فتويٰ  ٻنهي ڌرين پاران قبول ڪرڻ بعد   الزام هيٺ آيل ڌر ڏنڊ جي رقم مان 50 هزار ٿڏي تي پڻ ادا ڪيا، جڏهن باقي ڏنڊ جي رقم ٻن اڌ قسطن ۾ هلندڙ سال جي اپريل مهيني تائين ادا ڪئي ويندي. ان حوالي سان مقتول نوجوان جي پيءُ اصغر مستوئي موجب ته  محبوب شاھ وٽ جرڳو ٿيو آهي   جرڳي جي فتويٰ  اسان ٻنهي ڌرين قبول ڪئي آهي.