حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سستي اٽي جي اسٽالن لاءِ سيڪيورٽي رسڪ جو جواز ڄاڻائي ضلعي انتظاميا پاران پوليس کان سيڪيورٽي طلب ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو قائم اڪبر نمائي پاران ايس ايس پي حيدرآباد کي هڪ خط لکي چيو ويو آهي ته ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سستي اٽي جا 12 اسٽال لڳايا ويا آهن جن بابت سيڪيورٽي رسڪ جون شڪايتون مليون آهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر پاران ايس ايس پي موڪليل خط ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي خط جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته سستي اٽي جي اسٽالن تان 10 ڪلو وارو ٿيلهو 650 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. اسٽالن تي ماڻهن جي پيهه رهي ٿي ان ڪري سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن سستي اٽي جي وڪري واري معاملي ۾ ڪو رخنو نه پوي ۽ ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڊي ايف سي حيدرآباد پاران اسٽالن جي حوالي سان روزانو جي بنياد تي ايس ايس پي آفيس جي ڊي آءِ بي برانچ کي به آگاهي ڏني وڃي ٿي. خط ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ لاءِ به ايس ايس پي کي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن اهو فوڪل پرسن ڊي ايف سي حيدرآباد سان رابطي ۾ رهي سگهي.